ثاقب منگي

ثاقب منگي:’ثاقب‘ منگيءَ ڳوٺ مريد خان لاکير، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 2 نومبر 1902ع تي محمد رمضان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل، اديب عالم ۽ اديب فاضل پاس هو. ثاقب منگي، ادبي دنيا ۾ جمعي خان ’غريب‘ جي تربيت هيٺ شاعري شروع ڪئي. پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد، سپروائيزر ۽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر به رهيو. سندس هڪ شعري مجموعو ’ادبي سوغات‘ 1956ع ۾ ڇپيو. 4 اپريل 1965ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ مريد لاکير ۾ آهي.


لفظ ثاقب منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.11.02  عيسوي

ثاقب منگي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 2 نومبر 1902ع تي محمد رمضان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو


1965.04.04  عيسوي

ثاقب منگي 4 اپريل 1965ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رخمان گل
جاويد شيخ
سيد مير علي هراتي
ڀاڳت فقير
درويش صدر اوٺو
ڄام اوٺو
احمد شاهه بخاري بکري
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
پاٽولي استاد عاشق حسين
پارو چاولا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون